SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


برلن ڀت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


برلن ڀت

Berlin Wall

برلن وال

ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جرمنيءَ جو ملڪ اوڀر ۽ اولهه جرمنيءَ جي نالي سان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ، جن مان پهريون يعني اوڀر جرمنيءَ ۾ سوويت يونين جي اثر هيٺ ڪميونسٽ حڪومت ۽ ٻيءَ يعني اولهه جرمنيءَ ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي اثر هيٺ موڙي - واد حڪومت قائم ٿي ۽ اڳوڻي گڏيل جرمنيءَ جي راڄڌاني برلن شهر پڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصي ۾ اوڀر جرمنيءَ جي گادي قائم ٿي ۽ اولهندو حصو اولهه جرمنيءَ جي قبضي ۾ رهيو. جيئن ته ٻنهي ملڪن تي اثر رکندڙ عالمي طاقتن جي وچ ۾ سهمتي نه هئي، ان ڪري اوڀر جرمنيءَ جي رهاڪن کي اولهه جرمنيءَ ڏانهن لڏپلاڻ کان روڪڻ لاءِ سوويت فوج طرفان 13 آگسٽ 1961ع کان برلن شهر جي وچ ۾ 28 ميل ڊگهي ڀِت تعمير ڪئي ويئي، جنهن برلن شهر کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. اولهه جرمنيءَ جو چانسلر ولي برانت ڏاڍ ۽ جبر ذريعي ٺاهيل ان ڀت کي ”شرم جوڳي ديوار“ سڏيندو هو. اها ڀت اوڀر يورپ ۾ ڪميونزم جي زوال دوران 9 نومبر 1989ع تي جرمن عوام طرفان ڊاٺي ويئي ۽ 1990ع ۾ ٻئي جرمنيون ٻيهر گڏجي هڪ وفاقي رياست بڻجي ويون


Remember Me Also:

اڳڙي

ث. ڪپڙي جو ڦاٽل ٽڪرو ، ٿڳڙي. چَتي. لِيڙَ ، لِينگههَ. چِندي. ڪپڙي جو ٽڪر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal